زاهـد مـلـڪ

زاهـد مـلـڪ

زاهد ملڪ

زاهـد مـلـڪ: شـاعـر، ڊرامـا نويس ۽ صحافي زاهد ملڪ جو اصل نالو محمد اسماعيل ولد مير محمد ملڪ آهي. هن 22 سيپٽمبر 1961ع تي دادو ضلعي جي ڳوٺ فيض محمد ملڪ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڦلجي اسٽيشن مان ڪيائين، جڏهن ته انٽر ڊگري ڪـالـيـج دادو مـان ۽ ايــم. اي
(ماس ڪميونيڪيشن) سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشوري مان 1988ع ۾ پاس ڪيائين. زاهد ملڪ 1973ع کان ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون، هي جڏهن ستين ڪلاس ۾ پڙهندو هو، ته ’گلن جهڙا ٻارڙا‘ تنظيم جو عهديدار به رهيو. ان وقت کان وٺي سندس ٻارن جون آکاڻيون، ڪهاڻيون ۽ افسانا اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا. هن شاعريءَ جي شروعات 1976ع کان استاد بخاريءَ جي رهنمائيءَ هيٺ ڪئي.زاهد ملڪ 1979ع کان اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪيو ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿيل ڊرامن ۾ حصو ورتو، 1981ع ڌاري حيدرآباد ريڊيو تي صداڪاري به ڪيائين. ريڊيو خيرپور تان ڊرامن، فيچرن ۽ گيتن ڀرين ڪهاڻين ۾ صداڪاري ڪري پاڻ مڃرايائين. ريڊيو لاءِ ڪيترا ڊراما لکيائين، جن مان وڌيڪ مقبوليت ’پلاند‘ ڊرامي حاصل ڪئي، جنهن ۾ سـيـد صالح محمد شاهه، جيجي زرينا بلوچ، سيما پنهور، سيما مرزا، يعقوب ذڪريا ۽ ٻين اهم ڪردار ادا ڪيا.
زاهد ملڪ ’ايم.آر.ڊي‘ تحريڪ تي هڪ تحقيقي ڪتاب لکيو آهي، جـڏهـن ته ڪـجـهه ڊاڪيومينٽري فلمن جا اسڪرپٽ به لکيا اٿس. هن ماس ڪميونيڪيشن ۾ ماسٽرس ڪرڻ کانپوءِ باقاعدي صحافت جي شروعات، مارچ 1989ع ۾ روزاني ’خادم وطن‘ اخبار کان ڪئي. هي ڪيترين اخبارن ۾ سب ايڊيٽر، نيوز ايڊيٽر ۽ ايڊيٽر طور ڪم ڪندو رهيو آهي، سندس سوين مضمون، مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيل آهن. کيس مختلف شعبن ۾ ڪيترا اوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن. هن وقت روزاني ’شام‘ حيدرآباد ۾ نيوز ايڊيٽر طور صحافتي ذميواريون نڀائي رهيو آهي.


لفظ زاهد ملڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.09.22  عيسوي

شـاعـر، ڊرامـا نويس ۽ صحافي زاهد ملڪ جو اصل نالو محمد اسماعيل ولد مير محمد ملڪ آهي. هن 22 سيپٽمبر 1961ع تي دادو ضلعي جي ڳوٺ فيض محمد ملڪ ۾ جنم ورتو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صديقي الهورايو طارق
شيرين زئور
جاويد ڀٽي
سرفراز وسطڙو
حميد نظامي
برڪاتي مسعود احمد
لائق سنڌي ٿيٻو
در محمد ڪمال
خاصخيلي جان
زاهد ملڪ
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون